آءِ ايم ايف پراپرٽي سيڪٽر ۽ زرعي شعبي تي ٽيڪس لڳائڻ جو پلان گهري ورتو

اسلام آباد: آءِ ايم ايف ريئل اسٽيٽ ۽ زرعي شعبي تي ٽيڪس لڳائڻ جو پلان گهري ورتو آهي. پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالر قرض جي منظوري سان گڏ ئي آءِ ايم ايف ٻئي جائزي جي لاءِ شرط پيش ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان جي حڪومت کان ريئل اسٽيٽ ۽ زرعي شعبي تي ٽيڪس لڳائڻ جو پلان گهري ورتو آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان وٽ پراپرٽي سيڪٽر ۽ زرعي شعبي مان محصولات وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي.  ذريعن موجب آءِ ايم ايف چيو آهي ته پراپرٽي سيڪٽر ۽ زرعي شعبي تي ٽيڪس لاڳو ڪري محصولات ۾ واڌ ڪئي وڃي.

ذريعن موجب ايف بي آر جو پلان آءِ ايم ايف منظور ڪري ورتو ته مني بجيٽ اچي سگهي ٿو. جڏهن ته پراپرٽي سيڪٽر ۽ زرعي شعبي تي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو نئين حڪومت کي ڪرڻو پوندو. ذريعن موجب پراپرٽي سيڪٽر ۽ زرعي شعبي تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عالمي بينڪ کان ڄاڻ ورتي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔