آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ ايڪسٽرنل فنانسنگ جو معاملو طئي ٿي ويو

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ايڪسٽرنل فنانسنگ جو معاملو طئي ٿي ويو آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻيل 8.2 ارب ڊالر جي فنانسنگ کيپ جو منصوبو مڃي ورتو آهي

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان کي آءِ ايم ايف، عالمي بينڪ، ايشين ڊوالپمينٽ بينڪ، چين، سعودي ۽ يو اي اي کان فنانسنگ حاصل ڪرڻي آهي. جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران چين کان 3.5 ارب ڊالر جي فنانسنگ جو انتظام ڪيو ويندو.

ناڻي واري وزارت جي پلان موجب سعودي عرب کان 2 ارب ڊالرن جي فناسنگ حاصل ڪرڻي هئي جيڪا ملي وئي آهي. ان کان علاوه يو اي اي کان هڪ ارب ڊالر، ايشيائي ترقياتي بينڪ کان 50 ڪروڙ ڊالر جي فنانسنگ ۽ عالمي بينڪ کان 50 ڪروڙ ڊالر جي فنانسنگ حاصل ڪئي ويندي.

ياد رهي ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو جنهن ۾ بورڊ تقريبن 1.1 ارب ڊالرز جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔