مني لانڊرنگ ڪيس: پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي ضمانت واري درخواست منظور

لاهور: لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي 5 لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي

بينڪنگ ڪورٽ جي جج اسلم گوندل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ايف آءِ اي  تعاون نه رکڻ واري رويي تي عمل ڪيو. عدالتي حڪم جي باوجود ايف آءِ اي رڪارڊ پيش نه ڪيو.

ياد رهي ته تحريڪ انصاف جو صدر چوڌري پرويز لاهي هن وقت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل ۾ موجود آهي. پرويز الاهي کي 26 جون تي اينٽي ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت ملڻ کان پوءِ ايف آءِ اي گرفتار ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔