حاجين جي واپسي جو سلسلو شروع: پي آءِ اي جهاز 900 کان وڌيڪ حاجين کي کڻي ملڪ واپس پهتو

لاهور: پي آءِ اي حاجي سڳورن جي واپسي لاءِ آپريشن شوع ڪري ڇڏيو آهي. حاجي سڳورن جي پهرين اڏام پي ڪي 760 ذريعي 29 حاجي لاهور پهتا.

پي آءِ اي جي حج آپريشن جي پهرين ڏينهن اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور لاءِ اڏامن ذريعي 900 حاجين کي ملڪ واپس آندو ويو. انتظاميه طرفان پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته حاجي سڳورن جي واپسي وقت تي ٿي سگهي. حاجي سڳورن جي واپسي لاءِ پي آءِ اي جو حج آپريشن 2 آگسٽ تائين جاري رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔