سنڌ حڪومت پيپلز بس سروس موبائيل ايپليڪيشن متعارف ڪرائي ڇڏي

ڪراچي:  سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين لاءِ پيپلز بس سروس ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. ان حوالي سان شرجيل ميمڻ چيو آهي ته هن ايپ سان شهري ٽڪيٽ جي بڪنگ ڪرائڻ سان گڏ بس جي ماحول تي نظر رکي سگهندا.

سنڌ جي ٽرانسپورٽ بابت صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس موبائيل ايپليڪيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي پيپلز بس سروس هڪ ايپ نه آهي. ان ۾ عوام جي سهوليت جو به خيال رکيو ويو آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته شهري موبائيل ايپ ذريعي ٽڪيٽ خريد ڪري سگهن ٿا. بس ۾ ڪيمرا لڳل آهن ايپ ذريعي بس جو ماحول ڏسي سگهجي ٿو. هن ايپليڪيشن کي اين آر ٽي سي کان علاوه سنڌ حڪومت ڪنٽرول ڪندي.

شرجيل ميمڻ چيو ته جولاءِ ۾ وڌيڪ ريڊ  گرين بسون اچي وينديون. ريڊ لائين بي آر ٽي تي تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي. هي پاڪستان جي واحد بي آر ٽي هوندي جيڪا بايو گيس تي هلندي.

شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪئي ته سنڌ حڪومت گهٽ کان گهٽ ڀاڙن ۾ عوام کي سهوليت ڏئي رهي آهي. سنڌ حڪومت بس سروس ۾ ڪروڙين روپين جي سبسڊي پڻ ڏئي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔