حڪومت ۾ شامل اتحادي جماعتن جو اڄ اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي
وزيراعظم شهباز شريف لاهور مان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي صدارت ڪندو
اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويندو
قانون وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ اجلاس کي سپريم ڪورٽ ۾ پيدا ٿيل صورتحال بابت بريفنگ ڏيندو
اجلاس ۾ نون ليگ، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ ۽ ٻين اتحادي جماعتن جا اڳواڻ شرڪت ڪندا، سپريم ڪورٽ جي حوالي سان غور ويچار ڪري حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي