اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي رهيو آهي.
اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز(سي پي اين اي) جي وفد سان ڳالهيون ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو جلد ٿي ويندو. شرطن جو بار عام ماڻهو تي به پوندو. هن چيو ته اهو تاريخ جو حادثو آهي ته پهريون ڀيرو ٻن صوبن ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن ۽ ٻن ۾ نه پيون ٿين. اسان جي پارٽي چونڊن جي لاءِ تيار آهي جيڪو به اليڪشن ڪميشن جو فيصلو هوندو ان تي عمل ڪنداسين. فرضن جي ادائيگي به نڀائي رهيا آهيون
هباز شريف چيو ته عمران خان پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو، هو هر عدالت جي نافرماني ڪري رهيو آهي، کيس عدالتن جو احترام ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن عمران نيازي بيمار آهي ته الله پاڪ کيس صحت ڏيندو. ريلي ۾ وڃي سگهي ٿو ته عدالت ۾ ڇو نٿو پيش ٿي سگهي
وزيراعظم چيو ته اسان رياست بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. جڏهن اسان اپوزيشن ۾ هئاسين ته اسان کي ڀت سان لڳايو پئي ويو، مان، نوازشريف، راڻا ثناءُالله ڪوڙن ڪيسن ۾ روزاني عدالت ۾ پيش ٿيندا هئاسين. اسان کي قيد دوران گهر جي ماني به نه ملندي هئي. ان وقت ڪنهن چيو هو ته مان هنن جي ڪمرن مان پکا، باٿ روم ۽ ايئر ڪولر اڏائي ڇڏيندس، تڏهن ته ڪنهن به نوٽيس نه ورتو هو.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جا گرفتاري وارنٽ عدالتن جاري ڪيا آهن. عدالتون منهنجي مٿان مهربان ٿيون تڏهن مون کي جيلن ۾ وڌو ويو، دهشتگردن جي گاڏي ۾ مون کي پيشي جي لاءِ آندو ويو. مون کي جڏهن اسپتال وڃڻو هوندو هو ته مون ايمبولينس جي درخواست ڪئي، ايمبولينس اچي وئي پر مون کي ان باوجود قيدين جي گاڏي ۾ اماڻيو ويو، ان وقت ته ڪنهن به نوٽيس نه ورتو.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته قانون جي حڪمراني لازمي آهي، جيڪو به ذميوار هجي ان جي خلاف قدم کڻڻ گهرجي. جيڪڏهن اهڙن معاملن جو احتساب نه ٿيو ته ملڪ کي وڌيڪ نقصان ٿيندو.