لاهور:پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ياسمين راشد ۽ اعجاز شاهه جي مبينه آڊيو سامهون اچي وئي آهي.
اڳوڻي پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد ۽ اڳوڻو وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه جي مبينه آڊيو ۾ ٻئي اڳواڻ عمران خان جي امڪاني گرفتاري جي حوالي سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن
مبينه آڊيو ۾ ياسمين راشد اعجاز شاهه کي چيو ته خان صاحب هن وقت چئي رهيو آهي ته سمورن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي فون ڪريو. جنهن تي اعجاز شاهه جواب ڏنو ته رابطن جو سلسلو جاري آهي. جنهن کان پوءِ ياسمين راشد عمران خان جي هدايت اڳوڻي گهرو وزير کي ڏيندي ٻڌايو ته عمران خان چئي رهيو آهي ته ماڻهو وٺي پهچو. ياسمين راشد موجب عمران خان چئي رهيو آهي ته هنن کي چئو ته فوري طور تي پهچن جيڪي نه پهچندا انهن کي مان ٽڪيٽ نه ڏيندس، خان صاحب اها ڳالهه سڌي چئي آهي.
ٻئي طرف ياسمين راشد اعجاز شاهه سان آڊيو ليڪ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پارٽي جي صدر آهيان ڇا پنهنجن ماڻهن کي نه گهرائيندس، 23 ڪلاڪ گذري ويا آهن. اسان جا ماڻهو روڊن تي آهن انهن جي مٿان شيلنگ ۽ تشدد ڪيو پيو وڃي.
- شيئر