سنڌ سميت سڄي مُلڪ ۾ مهان ڪوي شيخ اياز جو سئو سالا جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مُلڪ جي مختلف شهرن ۾ به تقريبون رٿيون ويون آهن.
مهذب سماج، ملڪ ۽ قومن، جي سڃاڻپ اتان جا قلمڪار، عالم ۽ دانشور هوندا آهن.، قومن جي وقار، تهذيب، تمدن، ڪلچر، ٻولي ۽ ادب جي بقا جو ضامن، ان ملڪ جو اديب، شاعر ۽ سرجڻهار طبقو هوندو آهي.
جديد سنڌ به ويهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، تن ۾ شيخ اياز جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي.
شيخ اياز، سنڌ جو اهڙو شاعر آهي جنهن کي شاهه لطيف سان گڏ، دنيا آڏو مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. سنڌي شاعري صدين جو سفر ڪرڻ باوجود پنهنجو رشتو پنهنجي پيڙهه ۽ تاريخي ورثي کان ناهي ڇنو، جنهن شاعريءَ جي تاريخ جي سموري اٿل پٿل تي گهري نِگاهه رهي آهي، سنڌ ”ويدن“ کان وٺي لوڪ ادب تائين، لوڪ ادب کان شاهه لطيف تائين، شاهه لطيف کان شيخ اياز تائين، صدين جو سفر ڪندي اڻ ڳڻيون ڪاهون ڪندڙ ڌرين سان مزاحمتون ڪندي پنهنجو فني، فڪري ۽ تخليقي سفر ڪيو آهي.
شاعري کيس ننڍي عمر ۾ ئي ڳولي ورتو هو، يارنهن ورهين جي ڄمار ۾ شڪارپور مان نڪرندر سدرشن رسالي ۾ سندس پهريون شعر ” مرد خدا “ جي عنوان سان ڇپيو ۽ پوءِ هن پوئتي مڙي نه ڏٺو.
اياز ورهاڱي کان اڳ جديد سنڌ شاعري جو اهم حوالو بڻجي ويو هو، سندس نظم او باغي هو راج دروهي ڀارت ۾ بلوي جا باني يا ڳاءِ انقلاب ڳاءِ کي هر انقلابي ۽ ترقي پسند جي زباني ياد هوندا هئا.
شيخ 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ شيخ غلام حسين جي گهر ۾ جنم ورتو.
شيخ اياز شروعاتي تعليم تائين شڪارپور ۾ حاصل ڪئي جڏهن ته انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ ايس ڪاليج مان 1942ع ۾ ڪيائين.
اياز 1944ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪري 1945ع ۾ ايل. ايل. بي ۾ داخلا ورتي، ڪاليج جي تعليم دوران هو ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر به رهيو.
هن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ چاهي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديهانت سبب مڪمل نه ڪري سگهيو. 1950ع ۾ ايل. ايل. بي کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيو.
شيخ اياز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان هو ان کان سواءِ’ انجمن ترقي پسند مصنفين‘ سان به سلهاڙيل رهيو.
ورهاڱي کان پوءِ ’پاڪستان رائٽرز گلڊ‘ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان به گهري لاڳاپي ۾ رهيو.
شيخ اياز ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ سندس پهريون نظم يارهن سالن جي عمر ۾ ڇپيو هو.
شيخ اياز شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون، سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’سفيد وحشي‘1946ع ۾ ڇپيو.
ورهاڱي جي تاريخي سانحي ۾ سنڌي اديبن جو وڏو حصو ڀارت هليو وڃڻ سبب شيخ اياز اردو اديبن جي صحبت ۽ محفلن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. سندس اردو شاعريءَ جو اڳيئي وسيع مطالعو هو، ان ڪري هن اردوءَ ۾ شاعري شروع ڪئي، جنهن اردو شاعرن وٽ وڏو مقام حاصل ڪيو. سندس اردو شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”بوءِ گل نالئه دل“، 1954ع ڇپجي پڌرو ٿيو.
’مهراڻ‘ جي 1955ع جي پهرئين پرچي ۾ جويي صاحب ’اسان جي شاعر جا خط‘ عنوان هيٺ شيخ اياز جا ڏانهس لکيل خط ۽ اياز جي بيتن واري شاعري شايع ڪئي، ۽ ائين اياز، اداسيءَ ۽ مايوسيءَ جي ماحول مان ٻاهر نڪري آيو. ان بعد اياز جي ڏات جي ڪرشمي نه رڳو سنڌ، پر دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ هو وقت جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي اڀريو.
هن جي شاعري ته باڪمال آهي، پر سندس نثر جو اسلوب ۽ ٻولي به اعليٰ درجي جي آهي. اياز جا زندگيءَ جي آخري پساهن تائين لڳاتار شاعريءَ ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رهيا جن جو انگ پنجاهه کان مٿي آهي.
شيخ اياز جي پهرين ٻن شعري مجموعن ’ڀَؤنر آڪاس‘، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۽ هڪ نثري ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي ايوبي آمريت بندش وڌي هئي، ۽ اها پابندي شيخ اياز جي آخري عمر ۾ ختم ٿي جڏهن ته سنڌ سان محبت جي ڏوهه هڪ کان وڌيڪ ڀيرا جيل پڻ ڪاٽيا.
جهڙيءَ طرح شيخ اياز شروعاتي دور ۾ پاڻ ڪجهه عرصو ادبي رسالي ”اڳتي قدم“ جو ايڊيٽر رهيو، تهڙيءَ طرح پوئين دور ۾ ڪجهه وقت سنڌي اخبار ’برسات‘ جو پڻ ايڊيٽر رهيو. ان ريت صحافت جي شعبي ۾ به حصيدار بڻيو.
شيخ اياز ٻولي، فڪر، فن، حب الوطني، مزاحمت، بغاوت، سورهيائي، قرباني ۽ عمل کي جنهن فني پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي اهو سنڌي ادب جو وڏو شاهڪار ڪارنامو ۽ ڪلاسڪ آهي.
شيخ اياز جو نثر ۽ نظم نهايت ئي سگهارو، جمالياتي، بيهڪ ۽ جڙاءَ سان سونهندڙ سٽاءَ سان سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌي شاعري جي چنريءَ ۾ ڪيئي چٽ چٽيندڙ آهي. جن کي رڳو ڏسي سگهجي ٿو اياز جي شاعراڻي اڏار نهايت ئي تيز ۽ مٿانهين رهي آهي. جنهن تي وقت جا ڪي به پنجوڙ پئجي ناهن سگهيا.
شيخ اياز ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. هن عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي. کيس آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾، ڪراڙ جي ڪپ تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.