ڪراچي ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري دوران سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ وارو شرط ختم

ڪراچي: سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري ڪرائڻ جون تياريون تيز ڪيون ويون آهن

پهريون ڀيرو ماڻهن ۽ گهرن جي ڳڻپ لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ وارو شرط به ختم ڪيو ويو آهي

شماريات کاتي پاران آدمشماري ۽ گهر شماري لاءِ استادن جي تربيت شروع ڪئي وئي

 ٽائيم نيوز وفاقي شماريات کاتي جو ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ وارو تربيتي هدايت نامو هٿ ڪري ورتو

تربيتي هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن سميت موجود هر شخص کي ڳڻيو ويندو

تربيت حاصل ڪندڙ استادن کي ڪنهن کان به قومي سڃاڻپ ڪارڊ نه گهرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔