سرڪاري آفيسز ۾ بجلي جي کپت 30 سيڪڙو گهٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار سرڪاري آفيسز ۾ بجلي جي کپت 30 سيڪڙو گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف مامرن تي مشاورت ڪئي وئي
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ بجلي جي بچت لاءِ سرڪاري آفيسز ۾ بجلي کپت کي 30 سيڪڙو تائين گهٽايو ويندو
ڪابينا اجلاس دوران توانائي بچت لاءِ وزيرن تي مشتمل تي ڪميٽي جوڙي وئي، جڏهن ته ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔