وفاقي سرڪار ۽ اتحادي پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ سرگرم

پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ وفاقي سرڪار ۽ حڪمران اتحاد جون ڪوششون جاري آهن

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ لاهور ۾ نون ليگ جي مشاورتي اجلاس ۾ متلف آپشنز تي غور ويچار ڪيو ويو

اجلاس ۾ پرويز الاهي کي گورنر ذريعي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چوڻ سميت مختلف آپشنز تي مشاورت ڪئي وئي

شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چوڌري شجاعت سان ٿيل ملاقاتن بابت پارٽي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو

ذريعن موجب سياحت واري وزير عون چوڌري وزيراعظم سان ملاقات ڪري کيس جهانگير ترين جو اهم پيغام پهچايو

وزيراعظم لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي بعد اسلام آباد روانو ٿي ويو، نون ليگ جي سمورن ايم پي ايز  کي لاهور ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي وئي

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔