سيالڪوٽ: دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آھي تھ عمران نيازي کي اقتدار ۾ آڻي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جو تجربو ڪيو ويو، عمران خان کي هڪ ايجنڊا تحت اقتدار ۾ آندو ويو، نئين نسل کي تباهه ڪرڻ بعد عمران نيازي هاڻي چونڊن جا آواز ڏئي رهيو آهي
سيالڪوٽ ۾ نون ليگ جي ورڪرز ڪنونشن کي خطاب خواجا آصف چيو ته اسان کي چور ۽ ڊاڪو چوندڙ عمران خان پاڻ وڏو چور نڪتو، مرشد ذوالفي بخاري ذريعي گهڙيون وڪرو ڪري ڇڏيون، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون
خطاب دوران خواجا آصف چيو ته اسان کي ٽن کان چئن سالن تائين جيلن ۽ قيد بند جون سختيون برداشت ڪرڻيون پيون، عمران خان چوندو هو ته برطانيه ۾ انصاف آهي، شهباز شريف کي اتي انصاف مليو هو
پي ٽي آءِ حڪومت تي تنقيد ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته هنن انصاف جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، اسان تي زمينون تنگ ڪيون ويون پر اسان جو رب ڏسي رهيو هو، پر وڏو چور نڪتو
مرشد پنهنجي زلفي بخاري ذريعي واچون وڪرو ڪيون، دولت ۽ اقتدار جي لالچ جي ڪا حد ناهي، اهو گناهه عمران ۽ سندس ساٿين تي پوندو
ٻئي پاسي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان نوازشريف کي مقابلي جو چئلينج ڏيڻ کان اڳ پنهنجي حڪومت جو ڪو هڪ ڪارنامو بيان ڪري، عمران خان سياسي دهشتگرد آهي، عمران خان گهڙيون وڪرو ڪري پاڪستان جي عزت نيلام ڪئي
ھي به پڙھندا