عمران خان کي پارٽي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست تي لارجر بينچ جوڙڻ جي سفارش

 لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان کي پارٽي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست تي چيف جسٽس کي لارجر بينچ جوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

جسٽس محمد ساجد محمود سيٺي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، درخواست گذار محمد آفاق موقف اختيار ڪيو ته عمران خان اين اي 95 تان نااهل قرار ڏنو ويو آهي

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته  اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ عمران خان نااهل ٿي چڪو آهي، عمران خان کي پارٽي چيئرمين جو عهدو رکڻ جو حق به نه رهيو آهي، کيس پارٽي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن

عدالت درخواست تي لارجر بينچ جوڙڻ جي سفارش ڪندي فائيل چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔