ڪراچي(نمائندن وٽان) ايل بي او ڊي جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪٽ لڳائڻ تان عمرڪوٽ، ميرپر خاص ۽ بدين ضلعن جا رهواسي آمهون سامهون آهن، ٽنهي ضلعن ۾ ڪٽ جي حمايت ۽ مخالفت ۾ مظاهرا ڪري رهيا آهن
شادي لارج ڀرسان ٿر ڪول روڊ تي ٻئي ڏينهن به ڪٽ جي حمايت ۾ ڌرڻو جاري آهي، پنگريو، ملڪاڻي شريف، سمن سرڪار، جهڏو، شادي لارج ۽ ڀرپاسي جي علائقن جا رهواسي ڌرڻي ۾ شامل آهن
ذريعن جو چوڻ آهي ته بدين جي ڊي سي، ايس ايس پي ۽ سيڊا عملدارن طرفان ڪٽ جي معاملي تي جُڙيل 15 رُڪني ڪميٽي سان اڄ ٻيهر ڳالهين جا امڪان آهن