ڪراڇي : پاڪستان ۾ ڊالر جي مٿاهين اڏام جو سلسلو جاري آهي ، انٽربينڪ ۾ ڪاروبار دوران ڊالر وڌيڪ هڪ رپيو 23 پئسا مهانگو ٿي تاريخ جي بلند ترين قيمت 193 رپين جو ٿي ويو.
ٻئي پاسي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مليل جليل رجحان رهيو . پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس ۾ ڪاروبار دوران 130 پوائنٽس جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ انڊيڪس هن وقت 43 هزار 29 تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي .