فواد چوڌري ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نَنهنَ چوٽي جو زور لڳايو: عطا تارڙ

ڪراچي: مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عطاءُ تارڙ دعويٰ ڪئي آهي ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نَنهنَ چوٽي جو زور لڳايو

لاهور جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاءَ تارڙ چيو ته شهباز شريف خلاف ڪيسن ۾ گرفتاريون به ڪيون ويون ۽ انهن ڪيسن ۾ انڪوائري به ڪئي وئي پر ثبوتن جي کوٽ سبب اهي ڪيس عدالتن ۾ نه هلي رهيا آهن

هن چيو ته حڪومت عوام جو پيسو ذاتي انتقام تي خرچ ڪري رهي آهي، شهزاد اڪبر ملڪ مان فرار ٿيڻ جو موقعو ڳولي رهيو آهي، فواد چوڌري ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڏو زور ڀريو پر ناڪام ٿيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔