شاهه محمود قريشي جو آسٽريليا جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي رابطو

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آسٽريلوي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. ڳالهه ٻولهه دوران افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي به ڳالهيون ٿيون.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏئي ٿو. پاڪستان آسٽريليا سان ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ بدامني سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. افغانستان ۾ 40 سالن جي جنگ کان پوءِ امن جي اميد پيدا ٿي آهي. عالمي برادري افغان شهرين جي مدد لاءِ قدم کڻي.
هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان چيلنجن کي سامهون رکندي فيصلا ڪرڻا پوندا. پرڏيهي وزير آسٽريلوي هم منصب کي ڪابل مان واپسي دوران پاڪستان جي مدد کان به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان 37 ملڪن جي رهواسين کي افغانستان مان واپسي تي مدد ڪئي.
هن آسٽريلوي هن منصب کي ٽريول ايڊوائزري تي نظرثاني جي ضرورت تي به زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جو ارادو به ظاهر ڪيو. پرڏيهي وزير آسٽريلوي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔