دبئي : ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2021ع ۾ ڏکڻ آفريڪن وڪيٽ ڪيپر ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ نسل پرستي خلاف يڪجهتي مامري تي بورڊ سان اختلاف ڪندي عالمي ڪپ اڌ ۾ ڇڏي واپس هليو ويو.
ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ٽيمبا باووما ويسٽ انڊيز خلاف ميچ کان اڳ ٻڌايو ته ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ذاتي سببن جي ڪري ورلڊ ڪپ ڇڏي ويو آهي.