بلوچستان ۾ زلزلي جي تباهي، 20 ماڻهو فوت، 300 زخمي، ڪيترائي گهر ڊهي پٽ

ڪوئيٽا: بلوچستان جي مختلف علائقن ۾شديد زلزلي جي نتيجي ۾  20 فوت، 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

ڪوئيٽا، هرنائي، پشين، سبي، قلعه سيف الل ، زيارت ۽ مسلم باغ ۾ گذريل رات جو 3 لڳي2 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 9 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته اونهائي 15 ڪلوميٽر هئي، زلزلي سبب ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون ڪري پيون.

ڊي سي هرنائي جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ئي ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا آهن، امدادي ٽيمون ۽ ليويز اهلڪار امدادي ڪمن ۾ رڌل آهن ۽ ڪوئيٽا جي اسپتال ۾ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

زلزلي جي ڪري زخمي ٿيندڙ ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته پري وارن علائقن مان زخمين کي هيلي ڪاپٽر ذريعي ڪوئيٽا اسپتال پهچايو پيو وڃي.

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي سبب مٽي جا ڀڪ ڪرڻ سبب رستا بند ٿي ويا، هرنائي سنجاوي روڊ جي بحالي لاءِ ليويز اهلڪار امداد ڪاررواين ۾ مصروف آهن، جڏهن ته لورالائي هرنائي شاهراه به بند ٿي وئي.

ريسڪيو ذريعن موجب هرنائي ۾ 70 کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو آهي.

صوبائي گهرو وزير ضيا الله لانگو زلزلي جي نتيجي ۾ 15 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته پي ڊي اي ڪوئيٽا کان هيوي مشينري ۽ ريسڪيو ٽيمون روانيون ڪيون جيڪي ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي.

هن چيو آهي ته زلزلي جي ڪري زيارت،قلعه سيف الله ۽ سبي ۾ به نقصان جا اطلاع آهن، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ نقصان هرنائي ۾ ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔