ڪوئيٽا جي قمبراڻي روڊ تي ڌماڪو، هڪ ٻار۽ سڪيورٽي اهلڪار سميت 5 ماڻهو زخمي

ڪوئيٽا:بلوچستان صوبي جي گادي واري شهر ڪوئيٽا جي قمبراڻي روڊ تي بشير چوڪ ڀرسان ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ٻار ۽ هڪ سڪيورٽي اهلڪار سميت 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

سپرنٽنڊنٽ پوليس (ايس پي ) سرياب روڊ ٻڌايو ته ڌماڪي وارو مواد رستي جي ڪناري نصب ڪيو ويو هو جنهن جي ڦاٽڻ سان هڪ سڪيورٽي اهلڪار به زخمي ٿي پيو.

ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي قانون نافذ ڪندڙ ادارا ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ، ۽ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو .

ٻئي پاسي قانون نافذ ڪندڙ ادارن ڌماڪي جي نوعيت معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواني هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا ، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ۽ ٻين سڪيورٽي ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو .

منهنجي ڳوٺ ”ميان جو ڳوٺ“ جي ٻين سنگتين سان گڏ شبير ٽانوري به اهو پيارو دوست آهي جنهن سان به ڳچ عرصي کان سڪ ۽ محبت جو سلسلو هلندو پيو اچي، شبير احمد ٽانوري

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔