اين اي 249 ڪراچي ۾ ننڍي چونڊ دوران رينجرز جي مقرري جا حڪم جاري

اسلام آباد: وفاقي گهرو کاتي ڪراچي ۾ اين اي 249 ۾ ننڍي چونڊ جي موقعي تي رينجرز مقرري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.گهرو وزارت جي حڪم نامي موجب 28 کان 30 اپريل تائين رينجرز اين اي 249 جي سڀني پولنگ اسٽيشنز ٻاهران مقرر هوندي، تڪ ۾ رينجرز مقرري جي درخواست اليڪشن ڪميشن ڪئي هئي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته رينجرز مقرري ننڍي چونڊ جي موقعي تي پرامن ماحول ۾ پولنگ يقيني بڻائڻ لاءِ آهي. مقرري دوران رينجرز اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ جي گهرو کاتي سان رابطي ۾ هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔