قومي ڪرڪيٽ ٽيم پاران ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا کي 9 وڪيٽن تان شڪست

سنچورين : قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 1-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
سنچورين ۾ ڏکڻ آفريقا طرفان مليل 204 رنسن جو هدف پاڪستان 12 بال اڳ ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
پاڪستاني اننگز جي خاص ڳالهه ڪپتان بابر اعظم جي شاندار سينچري هئي، جيڪو رڳو 59 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 15 چوڪن جي مدد سان 122 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو.
محمد رضوان 73 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته فخر زمان 18هين اوور جي آخري ٻن بالن تي ٻه چوڪا هڻي پاڪستان کي ڪاميابي ڏياري.
ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي پروٽيز مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 203 رنسون ٺاهيون.
ميزبان ٽيم طرفان ايڊن مارڪرم 63، ميلان 55 ۽ وان ڊر ڊوسين 34 رنسن جي اننگز کيڏي.
پاڪستان طرفان محمد نواز 2، جڏهن ته شاهين آفريدي، حسن علي ۽ فهيم اشرف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پاڪستان ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ڏکڻ آفريقا خلاف 4 ميچن جي سيريز ۾ 1-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔