ڪراچي ۾ گرمي جي شدت برقرار، گرمي پد 44 ڊگري تائين وڃي پهتو

ڪراچي ۾ اڄ به گرمي جي شدت برقرار آهي ۽ گرمي پد 44 ڊگري تائين وڃي پهتو.

موسميات کاتي موجب ڪراچي شهر ۾ اڄ به بدترين گرمي آهي ۽ گرمي جو پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته هوا ۾ گهِم جو تناسب 5 سيڪڙو آهي .

موسميات کاتي موجب 14 اپريل 1947 تي ڪراچي جو گرمي پد 44.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو .

موسميات کاتي جو چوڻ هو ته شهر ۾ شام کان سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي ، جنهن کانپوءِ گرمي پد ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي . واضح رهي ته ڪراچي ۾ گذريل 3 ڏينهن کان شديد گرمي جي لهر جاري آهي جنهن ۾ شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 41.5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔