پاڪستان کي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس ۾ نه گهرائڻ تي حيران آهيان: وزيراعظم

اسلام آباد:  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس ۾ نه گهرائڻ تي حيران آهيان.

وزيراعظم عمران خان ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس ۾ نه گهرائڻ منهنجي لاءِ حيران ڪندڙ آهي. منهنجي حڪومت جي پاليسين جو  محور ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ آهي. اسان جي پاليسي اسان جي ايندڙ نسلن کي صاف سٿرو ۽ اوورسيز پاڪستانين جي عزم موجب آهي.

عمران خان چيو ته اسان جي گرين پاڪستان جي قدمن ۾ 10 بلين ٽري سونامي، فطرت تي ٻڌل حل، پنهنجي دريائن جي صفائي وغيره شامل آهي. اسان 7 سالن ۾ ماحولياتي تحفظ جو وسيع تجربو حاصل ڪيو آهي.

اسان خيبرپختونخواهه کان شروعات ڪئي ۽ اسان جي پاليسين کي  عالمي سطح تي مڃيو ويو ۽ تعريف به ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي تجربي مان سبق حاصل ڪرڻ جي خواهشمند ڪنهن به ملڪ جي مدد  ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

مان گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلي ڪانفرنس 2021 ۽ سي او پي 26 جي لاءِ ترجحيات ٻڌائي ڇڏيون آهن. جيڪڏهن عالمي برادري ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ سنجيده آهي ته فائدو کڻي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔