اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي حملي وارو ڪيس: وڪيلن جا لائسنس بحال ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد: عدالت هاءِ ڪورٽ  تي حملي واري ڪيس ۾ نامزد وڪيلن جا لائسنس  بحال ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ هاءِ ڪورٽ حملي واري ڪيس ۾ 21 وڪيلن جي خلاف مس ڪنڊڪٽ جي ڪارروائي  بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته سمورن بارز هن واقعي جي مذمت ڪئي ۽ مون کي بارز تي ڀروسو آهي بارز کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

وڪيلن جي وڪيل محمد شعيب چيو ته اهڙو تاثر نه هجڻ گهرجي ته عدليه وڪيلن کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي ان تي چيف جسٽس چيو ته اهڙو تاثر نه پيو ٺاهيو وڃي. ڪابه جي آءِ ٽي ناهي ٺاهي. ڇو ته عدالت کي بار جي آزادي تي يقين آهي. وڪيلن جي وڪيل استدعا ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين وڪيلن جا لائسنس بحال ڪيا وڃن جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.

عدالت اسلام آباد بار ڪائونسل کي واقعي ۾ شامل وڪيلن جا نالا ٻڌائڻ جي لاءِ وقت ڏئي ڇڏيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت چيو ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ بعد ۾ ٻڌائي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔