سنڌ سرڪار جي اعلان کانپوءِ صوبي ۾ درگاهون کلڻ شروع ٿي ويون

ڪراچي : سنڌ سرڪار جي اعلان کانپوءِ صوبي ۾ درگاهون کلڻ شروع ٿي ويون، حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار کي ٻه مهينا 10 ڏينهن بند رهڻ کانپوءِ ٻيهر ايس او پيز تحت کوليو ويو، دما دم مست قلندر جي نعرن جي گونج، مزار تي گلن جي چادر چاڙھي ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، مزار کولڻ کان اڳ اوقاف کاتي جي عملي پاران داخلا گيٽن تي 5 سينيٽائيزر گيٽ لڳايا ويا ۽ قلندر جي مزار ۽ ان جي فرش کي سينيٽائيز پڻ ڪيو ويو، ڀٽ شاهه انتظاميا اوقاف کاتي جي نوٽيفڪيشن باوجود ڀٽائي جي درگاهه کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ضلعي انتظاميا موقف اختيار ڪيو آهي ته کين سرڪار طرفان ڪوبه ليٽر ناهي مليو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔