بلوچستان حڪومت مچ سانحي جي جاچ لاءِ جَي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو

سبي : بلوچستان حڪومت مچ سانحي جي جاچ لاءِ جَي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب جي آءِ ٽي کي واقعي سان گڏ لاڳاپيل کاتن جِي لاپرواهي بابت جاچ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويندو.  وڏي وزير ڄام ڪمال جِي صدارت هيٺ اجلاس دوران مچ سانحي بابت جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس دوران مچ سانحي جو جائزو ورتو ويو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد طرفان وزيراعظم کي مچ سانحي بابت بريفنگ ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔