ڪراچي ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي سبب 7 دڪان ۽ 6 هوٽلون سيل

ڪراچي: ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪارروايون جاري آهن. ڪلفٽن ۽ گارڊن ۾ 7 دڪانون ۽ 6 هوٽلن کي سيل ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ جي هدايتن تي گارڊن، لياري، سول لائنز ۾ ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪارروايون ڪيون ويون. ان دوران ڪلفٽن بلاڪ 2 ۾ 7 دڪانون سيل ڪيون ويون.

اسسٽنٽ ڪمشنر گارڊن 6 هوٽلن کي سيل ڪيو. لياري ۾ 10 ڄڻن کي ماسڪ نه پائڻ تي 500 روپيه في ماڻهو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. هوٽلن ۽ دڪانن کي ايس او پيز جي ڀڪڙي ڪرڻ تي سيل ڪيو ويو. 

ٻئي طرف نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس سبب 71 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 9 هزار 80 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 4 لک 48 هزار 522 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔