اسلام آباد: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز کي پنهنجي گهر گهرائي ورتو آهي.
ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي پي ڊي ايم جي فيصلن تي عمل ڪرڻ بابت پنهنجي گهر گهرائي ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ڪجهه دير کان پوءِ مولانا سان ملڻ لاءِ سندس گهر پهچندا. جڏهن ته ملاقات ۾ گڏيل استعيفائن جي طريقيڪار ۽ اسلام آباد طرف لانگ مارچ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويندا.
ذريعن موجب ملاقات ۾ 13 دسمبر تي لاهور واري جلسي جي لاءِ به حڪمت عملي جوڙي ويندي.