مسجدن تي حملا: جيسينڊا آرڊرن انٽيليجنس جي ناڪاميءَ تي معافي گهري ورتي

ڪرائسٽ چرچ : نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن مسجدن تي حملي ۾ انٽيليجنس جي ناڪامي تي معافي گهري ورتي.
گذريل سال مارچ ۾ نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ ٻن مسجدن تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي هڪ تفصيلي رپورٽ اڄ اڱاري ڏينهن رائل ڪميشن طرفان پيش ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ انٽيليجنس سروس جي ڪوتاهين کي تسليم ڪيو ويو آهي پر رپورٽ ان نتيجي تي پهتي ته حملي کي روڪڻ ناممڪن هو.
اها انڪوائري رپورٽ 800 صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ان حملي کان اڳ انٽيليجنس اختيارين اسلامي شدت پسندي تي ته گهڻو ڌيان ڏنو پر کاٻي ڌر جي انتهاپسندي تي ڌيان نه ڏنو، جنهن سبب حملي جو اڳ ۾ اطلاع نه مليو.
انٽيليجنس جي ان ناڪاميءَ تي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن معافي گهري ورتي آهي.
واضح رهي ته ڪرائسٽ چرچ جي مسجدن تي ان حملي ۾ 51 نمازي شهيد ٿي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔