شگر جي مريضن کي سڀني کان پهرين ڪورونا کان بچاءُ واري ويڪسين ڏني وڃي: آمريڪي ماهر

واشنگٽن: آمريڪي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽائپ ون ۽ ٽائپ ٽو شگر جي مريضن کي سڀني کان پهرين ڪورونا 19 جي ويڪسين لڳائي ويندي ڇو ته صحتمند ماڻهن جي مقابلي ۾ ان ماڻهن جو ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 3 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي.وينڊربلٽ يونيورسٽي ۾ ڪيل هن تحقيق جا تفصيل آمريڪن ڊائبٽيز ايسوسيئيشن جي نمائندي ڊائبنيز گيئر جي تازي شماري ۾ آن لائن شايع ٿي آهي.واضح رهي ته ٽائپ ٽو شگر جي مريضن لاءِ ڪورونا وائرس سبب سخت متاثر ٿيڻ جو خطرو اڳ ئي سامهون اچي چڪو آهي پر ٽائپ ون شگر جو معاملو واضح نه هو.هن نئين تحقق ۾ تائپ ون شگر جي مريضن جي لاءِ به ڪورونا وائرس جي سخت اثرن جو تقريبن اهوئي خطرو سامهون آيو آهي جيترو ٽائپ ٽو شگر جو هوندو آهي.مذڪوره تحقيق ۾ اهڙن ڇهه هزار کان وڌيڪ ڪورونا مريضن جي ميڊيڪل رڪارڊ جو جائزو ورتو ويو جنهن کي هن سال مارچ کان آگسٽ جي وچ وينڊربلٽ يونيورسٽي جي انتظام هيٺ 127 اسپتالن ۽ طبي مرڪزن ۾ داخل ڪيو ويو هو. ان سمورن مريضن جي ڪيس هسٽري منجهائڻ لڳي. جنهن کان پوءِ خبر پئي ته ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ اهي ماڻهو جيڪي اڳ ئي ٽائپ ون يا ٽائپ ٽو شگر مان ڪنهن به هڪ بيماري ۾ مبتلا هئا. انهن جي حالت ٻين ڪورونا جي مريضن کان وڌيڪ خراب هئي.هن تحقيق جي بنياد تي ماهرن آمريڪا سميت سڄي دنيا جي طبي پاليسي سازن کي مشورو ڏنو آهي ته ڪورونا 19 ويڪسين ترجيحي بنيادن تي پوڙهن ۽ ٿلهن ماڻهن کان علاوه ٽائپ ون ۽ ٽائپ ٽو شگر جي مريضن کي سڀني کان اڳ ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔