اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آِءِ ايم ايف پاڪستان کان توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ هڪ هزار رپيا گهٽتائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جو مطالبو عالمي بينڪ ذريعي ڪيو ويو، آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته گردشي قرضن بابت معاملن تي عالمي بينڪ ئي پاڪستان سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي لاءِ بجلي اگهن ۾ واڌ ڪئي وڃي يا ٻي آپشن تحت حڪومت پاڪستان گردشي قرضن جي مد ۾ هڪ هزار ارب رپيا پنهنجي وسيلن مان ادا ڪري.ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو موقف آهي ته هن سال ادائيگي کان اڳ آءِ ايم ايف سان پروگرام شروع ٿيڻ جو امڪان ناهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي توانائي شعبي جي گردشي قرضن جو ڪاٿو هن وقت 2 هزار 266 ارب رپيا آهي.