ڪراچي واقعي ۾ ملوث اصل ڪردارن جي نالن کان اڃان تائين آگاهه ناهي ڪيو ويو: پرويز رشيد

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته مريم نواز جي ڪمري ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جو حڪم ڏيڻ ۽ آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪندڙ اصل ڪردار ڪهڙا هئا؟ اڃان تائين انهن جي نالن کان آگاهي ناهي ڏني وئي.

ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پرويز رشيد چيو آهي ته 60 ڪلاڪ گذري ويا، رات جي آخري پهر ۾ مريم جي ڪمري ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جو حڪم ڏيندڙ، آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪندڙ ۽ هڪ صوبي جي آئيني اٿارٽي کي مفلوج ڪندڙ اصل ڪردار ڪير هو؟

هن چيو ته اڃان تائين نه ان جي نالي کان آگاهي ڏني وئي آهي ۽ نه ئي هڪ هوا جي ڌيءَ کان معذرت ڪئي وئي، هر طرف جهنگ جو قانون لاڳو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔