اسلام آباد: سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪورونا وبا جي ٻئي لهر کي نظر ۾ رکندي اپوزيشن پنهنجي تحريڪ ٻئي سال تائين ملتوي ڪري ڇڏي
. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي فواد چوڌري چيو آهي ته ڪورونا جي ٻئي لهر کي نظر ۾ رکندي اين سي او سي نئين ايس او پيز جاري ڪري ڇڏي آهي. شادين ۽ ٻين تقريبن کي محدود ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
فواد چوڌري چيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته سياسي پارٽين کي سمجهداري جو ثبوت ڏيڻ گهرجي. تن مهينن لاءِ جلسا، جلوس ملتوي ڪري ڇڏي.
اپوزيشن به تحريڪ ايندڙ سال تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ زندگي جو احترام ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا وبا دوران خطرناڪ صورتحال هلي رهي آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي اپوزيشن پارٽين کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.