لاهور؛ پنجاب سرڪار پاران ڪمند جي هارين جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
لاهور ۾ جاري هڪ بيان ۾ وڏي وزير سردار عثمان بزدار چيو ته هاڻي شوگر مالڪ هارين کان ڪمند مقرر ڪيل اگهن تي خريد ڪري سرڪاري رسيدون جاري ڪندا جڏهن ته ڪمند جو وزن ۽ قيمت به رسيد تي ڇپيل هوندي.
هن چيو ته خلاف ورزي تي ٽن سالن تائين قيد يا 5 لک تائين جو ڏند لاڳو ٿيندو..