وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن جي 15 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي .

ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ ملڪي سياسي ، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو .

ان کان سواءِ وزيراعظم ڪابينا کي ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان تي اعتماد ۾ وٺندو .

اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف  بل جي منظوري تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني ويندي جڏهن ته ناڻي واري وزارت جا عملدار ڪابينا کي معاشي حوالي سان بريفنگ ڏيندا .

وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ قانون سازي ڪاميٽي جي مينڊيٽ ۾ واڌ ، وفاقي تعليمي بورڊ جي چيئرمين جي مقرري ۽ ڪابينا پورٽ قاسم ڪراچي ۾ ايل اين جي ٽرمينلز جي منظوري ڏيندي

ان کان سواءِ ڪابينا ايڪس ڪيڊر پوسٽس تي جڊيشل آفيسر ڀرتي ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ فيري سروس جي شروعات ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔