اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مارڪيٽ ، دڪان ۽ شاپنگ مال سڄو هفتو کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي جنهن کانپوءِ اڄ ڇنڇر ڏينهن ڪاروبار مڪمل طور تي کوليو ويو آهي
اسلام آباد ۾ مارڪيٽن، دڪانن ۽ شاپنگ مالز جي لاءِ لاڪ ڊائون مڪمل ختم ڪيو ويو ۽ شهر ۾ هاڻي دڪاندار سڄو هفتو ڪاروبار ڪري سگهندا
وفاقي حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن جو ڪاروباري ماڻهن آڌرڀاءُ ڪيو آهي
اسلام آباد ۾ دڪان کلڻ سان خريدار به خوش آهن ۽ چون ٿا ته آفيس کان اچڻ کانپوءِ مارڪيٽن جي ٽائيمنگ سبب پريشاني هئي هاڻي آرام سان موڪل واري ڏينهن خريداري ڪري سگهندا