دنيا ۾ ڪرونا وائرس 6 لک 66 هزار 814 قيمتي جانيون ڳڙڪائي ويو

نيويارڪ: دنيا ۾ ڪرونا وائرس 6 لک 66 هزار 814 قيمتي جانيون ڳڙڪائي ويو. عالمي رپورٽس مطابق دنيا ۾ ڪرونا کان متاثر هڪ ڪروڙ 70 لک 72 هزار 459 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن . دنيا ۾ ڪرونا جا هڪ ڪروڙ 5 لک 82 هزار 153 مريض صحتياب ٿي ويا. آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ لک 53 هزار 230 ۽ برازيل ۾ 88 هزار 792 ۽ ڀارت ۾ 35 هزار حياتيون ضايع ٿي ويون. رپورٽس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته برطانيا ۾ 45هزار 961 ۽ ميڪسيڪو ۾ 44 هزار 876 متاثر فوت ٿي چڪا آهن . روس ۾ 13 هزار 673 ۽ ايران ۾ 16هزار 343 ڪرونا مريض فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔