ترميمن جي منظوري مان ثابت ٿيو ته سينيٽ هڪ مَيچوئر ايوان آهي:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد :دهشتگردي ۽ قومي سلامتي ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري مان ثابت ٿيو ته سينيٽ هڪ مَيچوئر ايوان آهي، ڪلڀوشن ياديو کي سزا ۾ نه رعايت ڏني آهي ۽ نه ئي کيس رات پيٽ ۾ فرار ڪرڻ جو ارادو آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان کي ڀارت ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اپوزيشن پاڪستان کي وائيٽ لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ وارين ڪوششن ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، سينيٽ جي اجلاس ۾ خطاب دوران پرڏيهي وزير چيو ته جي يو آءِ بِل جي مخالفت ڪري اهو تاثر ڏنو آهي ته اسان بلز تي اتفاق راءِ نه آهي، جي يو آءِ وارن کي گذارش آهي ته پنهنجي دل وڏي ڪن، پاڪستان سمورا مرحلا طئه ڪري ورتا، هاڻي منظور ٿيل بلز ايشيا پيسيفڪ گروپ آڏو پيش ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔