براؤزنگ پاڪستان

پاڪستان

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آھن، چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جسٽس اطھر من الله جي سربراھي ۾ بلدياتي چونڊن بابت نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنھن ۾ اليڪشن ڪميشن عملدار عدالت ۾ پيش

نيب ۾ ترميم ملڪ تي بمباري کان به وڏو ڏوهه آهي: عمران خان

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيب ضابطن خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته امپورٽيڊ حڪومت نيب ۾ ترميم ڪري ملڪ تي بمباري کان به وڏو ڏوهه ڪيو آهي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته نيب ترميمن کي

پيٽرول اگهن جو آءِ ايم ايف سان واسطو ناهي، وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا: وزيراعظم

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته تيل اگهن جي قيمتن جو آءِ ايم ايف سان واسطو ناهي، وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا ته اسان ڪنداسين اسلام آباد ۾ وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ملڪي معيشت جي

ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري ، ڪراچي ۾ اڄ شام ڪڪر وسڻ جا امڪان

ڪراچي: ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي ، ڪراچي ۾ اڄ شام ڪڪر وسڻ جا امڪان آهن . ڪراچي ۾ ڪڪرن ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن ، سامونڊي هوائون لڳڻ سان موسم خوشگوار ٿي وئي .موسميات کاتي پاران چوماسي جي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ اڄ کان

سنڌ ۾ 60 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو، آءِ جي سنڌ جو اهم اعلان

ڪراچي: سنڌ سرڪار مڪاني ۽ ضمني اليڪشن توڙي عيد الاضحيٰ جي موقعي تي هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي گهروکاتي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ 26 جون تي مڪاني چونڊن جي پهرين، 24 جولائي تي ٻئين

اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو ڪيس فائنل ٿي ويو آھي چيف اليڪشن ڪمشنر موجب چاهيون ٿا ته ٻين سياسي پارٽيز خلاف ڪيسز به پڄاڻي تي پهچن، ووٽر جو

سي ٽي ڊي عمران خان جي قتل جي سازش جو ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

پشاور (ڊيسڪ رپورٽ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) عمران خان جي قتل جو ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن افغانستان جي ھڪ قاتل جون خدمتون حاصل ڪيون آھن جيڪو امڪاني طور ڪنھن وقت بھ حملو ڪري سگھي ٿو

اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا گهٽجي ويا: ڊالر 210 رُپين جو ٿي ويو

ڪراچي: پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر جي اُڏام جاري آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن ڊالر هڪ رُپيو 25 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي آمريڪي ڊالر جو مُلهه 210 رُپيا ٿي ويو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رُپيو مهانگو ٿيڻ بعد 213 رُپين جو ٿي

صدرعارف علوي نيب ترميمي بل صحيح بنا واپس موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد:صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي احتساب بيورو بل 2022ع تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪندي بل واپس وزير اعظم آفيس موڪلي ڇڏيو صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ مان منظور ٿيل قومي احتساب بيورو بل قانون جي ابتڙ آهي، مان سمجهان ٿو بل