اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا گهٽجي ويا: ڊالر 210 رُپين جو ٿي ويو

ڪراچي: پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر جي اُڏام جاري آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن ڊالر هڪ رُپيو 25 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي

 آمريڪي ڊالر جو مُلهه 210 رُپيا ٿي ويو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رُپيو مهانگو ٿيڻ بعد 213 رُپين جو ٿي ويو

اسٽيٽ بئنڪ ۾ ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا به گهٽجي ويا، اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته پهرين 5 لک ڊالرز خريد ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن اڳ بئنڪ کي اطلاع ڏيڻو هوندو هو

هاڻي هڪ لک ڊالرز خريد ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن اڳ اطلاع ڏيڻو پوندو، ذريعن موجب ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا گهٽجڻ بعد ڊالرز جي خريداري جي حد گهٽائي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔