ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري ، ڪراچي ۾ اڄ شام ڪڪر وسڻ جا امڪان

ڪراچي: ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي ، ڪراچي ۾ اڄ شام ڪڪر وسڻ جا امڪان آهن . ڪراچي ۾ ڪڪرن ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن ، سامونڊي هوائون لڳڻ سان موسم خوشگوار ٿي وئي .موسميات کاتي پاران چوماسي جي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ اڄ کان هلڪي ۽ وچولي برسات ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا آهن . موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي . سکر ، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي ، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ، جيڪب آباد ، ميرپور خاص ، سانگهڙ ۾ ٻن ڏينهن تائين ڪڪر وسندا ، ٺٽو ، بدين ، حيدرآباد، ڄامشورو. شهيد بينظير آباد ، دادو ۾ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔