ڀارت ۾ ميهار کي ڪورونا ٿيڻ کانپوءِ47 ٻڪرين کي به قرنطينا ڪيو ويو

بنگلور:ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ ميهار جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ تي 47 ٻڪرين کي به قرنطينا ڪيو ويو، ڀارتي ميڊيا موجب ڪرناٽڪ ۾ هڪ ميهار جون چار ٻڪريون مري ويون جنهن کانپوءِ ميهار جون ، ڪورونا جو ٽيسٽ ڪرايو ويو جيڪو هاڪاري آيو، ميهار جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ،ميهار جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ تي ڳوٺ ۾ ٿرٿلو مچي ويو جنهن کانپوءِ 47 ٻڪرين کي به قرنطينا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،ٻڪرين کي قرنطينا ڪرڻ جي خبر وائرل ٿي ته حڪومت کي به هوش آيو