رياض : پرتگال سان واسطو رکندڙ جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ ٻيو اهم اعزاز حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
سعودي سپر ڪپ جي فائنل ۾ النصر جي نمائندگي ڪندي ڪرسٽيانو رونالڊو الاهلي خلاف گول ڪيو، هو پنهنجي ٽيم کي فتح ته نه ڏياري سگهيو پر هن وڏو اعزاز ماڻي ورتو.
رونالڊو جو اهو النصر ڪلب لاءِ 100هون گول هو، اهڙي ريت هو 4 مختلف ڪلبز جي نمائندگي ڪندي 100 يا ان کان وڌيڪ گول ڪندڙ پهريون فٽبالر بڻجي ويو آهي.
رونالڊو ريال ميڊرڊ لاءِ 450، مانچسٽر يونائيٽيڊ لاءِ 145، يوونٽس لاءِ 101 ۽ النصر لاءِ 100 گول ڪيا آهن.
واضح رهي ته رونالڊو عالمي سطح تي به سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر آهي، هن پرتگال جي ٽيم لاءِ 138 گول ڪيا آهن.