اسلام آباد: ملڪ ۾ آگسٽ جي مهيني ۾ يوم آزادي جي موقعي تي 4 موڪلون گڏ ٿيڻ جو امڪان سامهون اچي ويو آهي. ڪابينه ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان ۾ 14 آگسٽ تي يوم آزادي جي موقعي تي عام موڪل هوندي.
امام حسين جو چهلم جمعي 15 آگسٽ تي ٿيندو. چهلم جي موڪل وفاقي موڪلن ۾ شامل نه آهي پر صوبائي سطح تي مقامي موڪل جي صورت ۾ لاڳاپيل علائقن ۾ موڪل هوندي.
مخصوص علائقن ۾ چهلم جي موڪل جي صورت ۾ خميس 14 آگسٽ، جمعو 15 آگسٽ، ڇنڇر 16 ۽ آچر 17 آگسٽ جون موڪلون گڏ ٿي سگهن ٿيون. ياد رهي ته گذريل سال به راولپنڊي ۽ ڪراچي ۾ چهلم جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو هو.