سکر: سنڌو درياهه ۾ تونسا بئراج تي وچولي ٻوڏ آهي، جڏهن ته گڊو ۽ سکر بئراج تي گهٽ ٻوڏ آهي.ٻوڏ جي اڳڪٿي ڊويزن موجب، تونسا بئراج تي پاڻي جي آمد ۽ اخراج 426,000 ڪيوسڪ آهي، ان کان علاوه، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1,527 فوٽ ۽ منگلا ڊيم ۾ 1,184 فوٽ تائين پهچي وئي آهي.راجن پور، گهوٽڪي ۽ تونسا ۾ پاڻي جي سطح مسلسل وڌي رهي آهي، جڏهن ته تونسا ۾ ڪيتريون ئي آباديون ٻڏي ويون آهن.ٻئي طرف، راجن پور جي ڍلوان علائقن مان ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ جاري رکي رهيا آهن.