ايران-اسرائيل جنگ، پاڪستان ۾ فلائيٽ آپريشن متاثر

ڪراچي: ايران-اسرائيل جنگ جي ڪري پاڪستان ۾ فلائيٽ آپريشن متاثر ٿي رهيو آهي، 16 پروازون منسوخ ۽ ڪيتريون ئي دير سان ٿيون آهن. ڪراچي کان جده، مشهد، بغداد ۽ تهران لاءِ اٺ پروازون منسوخ ڪيون ويون آهن. هوائي حدن جي بندش سبب اسلام آباد کان نجف ويندڙ ٻه پرڏيهي ايئر لائن جون اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن.جده، دبئي، بحرين ۽ راس الخيمه کان اسلام آباد ويندڙ پروازون 1 کان 5 ڪلاڪن تائين دير جو شڪار آهن.

Iran-Israel war