ميلبورن : انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربيڪار بيٽسمين جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هڪ اهم سنگ ميل پار ڪري هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي.انگلينڊ جي سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ رنسون ٺاهيندڙ جو روٽ خميس ڏينهن زمبابوي خلاف ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن پنهنجي 28 هين رن مڪمل ڪندي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 13,000 رنسن جو سنگ ميل پار ڪيو.جو روٽ دنيا جو پنجون بيٽسمين آهي ۽ انگلينڊ جو پهريون بيٽسمين آهي جنهن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 13,000 رنسون مڪمل ڪيون آهن.روٽ نه رڳو هي سنگ ميل پار ڪيو پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 13,000 رنسون ٺاهڻ وارو تيز ترين بيٽسمين پڻ بڻجي ويو. هن پنهنجي 153 هين ٽيسٽ ميچ ۾ هي ڪارنامو انجام ڏنو.ان کان اڳ، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 13,000 رنسون مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽر جيڪ ڪيلس وٽ هو، جنهن 159 ٽيسٽ ميچن ۾ هي سنگ ميل پار ڪيو.ان کان علاوه، راهول ڊريڊ 160 ۾ 13,000 رنسون، رڪي پونٽنگ 162 ۾ ۽ سچن ٽنڊولڪر 163 ٽيسٽ ميچن ۾ مڪمل ڪيا.