ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس ٻيهر پکڙجڻ لڳو، روزاني ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿيڻ لڳا

ڪراچي: ڪراچي ۾ روزاني جي بنياد تي ڪورونا وائرس جا ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿيڻ لڳا آهن. نجي اسپتال جي ساهه جي بيماري جي ڊاڪٽر جاويد خان طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ روزانو ڪورونا وائرس سبب متاثر 8 کان 10 مريض اسپتال جو رخ ڪري رهيا آهن.

هن ٻڌايو ته ڪيترائي مريض اهڙا آهن جن جي ٽريول هسٽري موجود آهي، اسپتال ايندڙ مريضن جي حالت بهتر آهي خطري جي ڪابه ڳالهه نه آهي.

ڊاڪٽر جاويد خان وڌيڪ ٻڌايو ته ڪورونا جي نشانين ۾ بخار، کنگهه، زڪام ۽ جسم ۾ تڪليف شامل آهي شهري احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ هٿن کي چڱي طرح صابڻ سان ڌوئين.

Corona virus started spreading again in Karachhi